اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب چيو آهي ته ڪشمير م??ئلي تي عالمي برادري ستل هئي، وزيراعظم عمران خان دنيا ک?? ڪشمير م??ئلي جي حساسيت جو احساس ڏياريو آهي، مودي جو فاشسزم پوري دنيا آڏو ظاهر ٿي ويو آهي، موجوده حڪومت ڪشمير م??ئلي جي حوالي سان صحيح رخ طرف گامزن آهي ۽ مون کي پورو يقين آهي ته تمام جلد ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. اي پي پي ??ان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي فورمز تي موثر انداز سان ڪشمير م??ئلي کي اجاگر ڪيو آهي، دنيا اڳ ۾ ان مسئلي تي سمهي پئي هئي ۽ اها ان کي پاڪستان ۽ ڀارت جو اندروني مسئلو سمجهندي رهي هئي پر هاڻي اها ڳالهه ناهي رهي. منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم عمران خان گذريل سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران دنيا کي ان مسئلي جي حساسيت بابت احساس ڏياريو جنهن کانپوءِ دنيا ۾ ڪشمير م??ئلي جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي، انساني حقن جون تنظيمون، پوري يورپي يونينز ۽ گڏيل قومن جا ٻيا ادارا به ڪشمير م??ئلي تي ڳالهه ڪري رهيا آهن.