اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ڪورونا جي آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ برطانوي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، ڪورونا پوري دنيا جي معيشتن کي متاثر ڪيو، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريش?? سينٽر (اي?? سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا جي خلاف ٺوس ڪوششن جو مرڪز آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي هاءِ ڪمش??ر ڪرسچن ٽرنر سان ملاقات دوران ڪيو.