اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر ايوان ۾ راءِ جي آزادي جي حوالي سان غلط بياني ڪئي آهي، ايوان ۾ غلط بياني پارليامينٽ جي تقدس کي پائمال ڪري ٿي، پ??ڪس??ان ۾ هر شهري کي راءِ جي آزادي جو مڪم?? حق حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.