اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين (پي آءِ اي) يورپي سول ايوي ايشن جي ڪليئرنس جي چئن سالن کانپوءِ جمعو 10 جنوري 2025ع تي پئرس لاء?? اڏ??من جي ٻيهر شروعات ڪندي جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پي آءِ اي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب 4 سالن کانپوءِ انهن اڏ??من جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي، قومي ايئر لائين پي آءِ اي اسلام آباد کان پئرس هفتيوار 2 ڏامون جمعي ۽ آچر تي هلائيندي، ان روٽ تي اڏ??من جي شروعات سان پي آءِ اي جي يورپ لاء?? اڏ??من جي شروعات ٿي ويندي ۽ آهستي آهستي اڏامون وڌايون وينديون. پي آءِ اي ترجمان موجب اسلام آباد کان اڏام صبح ساڍا 11 وڳي رواني ٿيندي. پئرس کان واپسي اڏام شام 6 وڳي ٿيندي. ترجمان چيو ته شيڊول جي سهولت ??هڙي آهي جو مسافر ناشتو پاڪستان ۾ ۽ ٻنپهرن جي ماني پئرس ?? کائيندا.