اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري رليف فراهم ڪرڻ جي لا??ِ قدم کن??ا وڃن، شڪايتن جي ازالي لا??ِ ايف بي آر سان رابطو وڌايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي ٽيڪس محتسب صدر کي سالياني رپورٽ سال 2020ع پيش ڪئي. صدر چيو ته ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري رليف جي فراهمي لا??ِ قدم کن??ا وڃن، ٽيڪس عملدارن جي خلاف عوامي شڪايتن جي ازالي لا??ِ ٽيڪس محتسب جي اهم ڪردار جي باري ۾ آگاهي ضروري آهي، هن چيو ته ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪس محتسب ٽيڪسن جي وصولي بهتر بڻائڻ ۽ بي ضابطگيون گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.