اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني معذوري ??و شڪار عورتن کي معاشري ??و فعال حصو بڻائڻ جي ل??ءِ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري ??هيا آهيون، پارليامينٽ قانونسازي سميت خصوصي ماڻهن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ ل??ءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ??هي آهي، آئون يقين ڏياريان ٿو ته پارليامينٽ ان حوالي سان پنهنجون سموريون ذميداريون پوري ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جسماني طور تي معذور عورتن جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري ??هيو هو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو اهڙو موقعو آهي ته ان جي ذريعي اسان معاشري ??ي خصوصي ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۽ کين معاشري ??و فعال حصو بڻائڻ ل??ءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪري ??گهون ٿا. هن چيو ته اسان ان سفر ۾ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري ??هيا آهيون. هن پارليامينٽ ۾ عورت ميمبرن جي گروپ ومين ڪاڪس جي چيئرمين م??زه حسن جي وا??اڻ ڪئي ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ هن قانونسازي جي حوالي سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو وا??اڻ جوڳو آهي. پارليامينٽ جي سطح تي هن هيستائين کنيل قدمن جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ آءِ سي ٽي به منظور ڪيو آهي ۽ خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن جو مقصد قانونسازي ۾ جهولن کي ختم ڪرڻ ۽ اهڙيون سفارشون جوڙڻ آهي جنهن جي ذريعي موجوده قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسپتالن ۽ اهم تعليمي ادارن تائين به خصوصي ماڻهن جي پهچ يقيني بڻائڻ ل??ءِ ڪم ٿي رهيو آهي، پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ موجوده قانونن تي عملدرآمد ل??ءِ به ڪم ڪري ??هي آهي، خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ موبائيل ايپ به شروع ڪئي وئي آهي جنهن جي ذريعي شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ ڊرائيونگ لائسنس سميت ٻي سروسز تائين انهن جي پهچ آسان ٿيندي.