اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ عو??تن جو ڪردار اڻٽر آهي، عو??تون زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي ۽ هر ميدان ۾ عو??تن مردن سان شانه بشانه ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اها ڳالهه هن عو??تن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستاني عو??تن ج?? ملڪي ترقي ۾ باوقار خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، پاڪستاني عو??تن ثابت ڪيو ته هو ڪنهن به شعبي ۾ مردن کان گهٽ ناهن، جديد دور جي ڏس ۾ اسان کي اهڙو ماحول بڻائڻ گهرجي جنهن سان عو??تن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته اسان جي مذهب اسلام عو??تن کي سڀ کان وڌيڪ عزت ڏني، عو??ت ماءُ به آهي، ڀيڻ ۽ ڌي به، زندگي جي هر روپ ۾ عو??ت هڪ مقدس مقام ۽ اه?? ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي آهي. هن چيو ته اڄ اسان کي فخر ڪرڻ گهرجي ته هر ميدان ۾ چاهي اه?? راند هجي، سياست هجي يا تعليمي ميدان عو??تون مردن سان شانه بشانه پر مردن کان هڪ قدم اڳتي نظر اينديون آهن. محمد صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان ۾ عو??تن کي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي پيش نظر موثر قدم کنيا ويا آهن تنهن هوندي به ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي ته جئين عو??تن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا برابر موقعا ميسر اچي سگهن ۽ عو??تون آزادي سان پنهنجا فيصلا ڪري سگهن، پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين ملڪي ترقي ۾ عو??تن جي ڪردار ۽ نمائندگي جي فروغ لاءِ قدم کنيا آهن، پاڪستان جي پارليامينٽ عو??تن جي ترقي لاءِ موثر قانونسازي به ڪئي آهي ۽ سينيٽ آ?? پاڪستان کي اه?? اعزاز آهي ته هتي اه?? قانونسازي عو??تن پاران متعارف ڪرائي وئي آهي.