اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو فار?? فنڊنگ ڪيس ۾ دامن صاف آهي، اسان 40 هزار ماڻهن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ??را??ا آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپا??ٽي نامعلوم ماڻهن کان پا??ٽي فنڊنگ ج?? نالي تي پئسا ورتا، ٻئي پارٽيون جواب ڏيڻ کان ڀڄي رهيون آهن، ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، کين ضرور جواب ڏيڻو پوندو، چاهيون ٿا ته فار?? فنڊنگ ڪيس ??ي ٻڌڻي اوپن ڪئي وڃي ۽ ان جو جلد کان جلد فيصلو ٿئي ته حقيقتون قوم جي سامهون اچن. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سرعام چيو آهي ته فار?? فنڊنگ ڪيس ??ي ٻڌڻي اوپن ٿئي، ان جي بيان کانپوءِ تحريڪ انصاف جي پوزيشن واضح آهي، تحريڪ انصاف واحد سياسي پا??ٽي آهي جنهن اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي پاران گهريل سمورا دستاويز پيش ڪيا، شبلي فراز چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪا به مافيا نه آهي، تحريڪ انصاف ورڪرن ۽ ميمبرن کان چندو وٺي پا??ٽي معاملا هلائڻ جو ڪلچر متعارف ??را??و آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپا??ٽي نامعلوم ماڻهن کان پئسا ورتا، مافيا انهن ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ لاءِ فنڊنگ ڪندي آهي ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهي ماڻهو کين نوازيندا آهن.