اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ گورننس ايڪشن ميٽرڪس جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ لاڳ??پي?? وفاقي ۽ صوبائي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ??زي??اعظم کي انتظامي معاملن جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته عوام جي رليف، شڪايتن جي داخلا کان وٺي حل، کليل ڪچهرين منعقد ڪرڻ، مال کاتي بابت مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل، ون ونڊو آپريشن جو قيام، سرڪاري آفيسن ۾ عوام جي سهولتڪاري ۽ مقامي سطح تي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدمن جو عملي طور تي نفاذ ٿي چڪو آهي، ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ گورننس جي بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني تي قدمن تي عملدرآمد جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ان ۾ تيزي آندي پئي وڃي، ??زي??اعظم کي خيبرپختونخوا ۾ به شڪايتن جي وقت سر ازالي، ضم ٿيل ضلعن جي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن، روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن جي ڪڙي نگراني ۽ ان جي نتيجي ۾ صوبي ۾ اٽي جي قيمت ۾ واضح گهٽتائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.