اسلام آب??د – 20 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي س?? سي) ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ ويڪسين جي خريداري جي ڏس ۾ 15 ڪروڙ ڊالر جي فني ضمني گرانٽ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ويڪسين جي پهرين کيپ 5 سيڪڙو آب??د يعني عوام ۽ فرنٽ لائين جي ورڪرن ۽ 65 سال کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي فراهم ڪئ?? ويندي، ان انتظام تحت هڪ ڪروڙ ماڻهن ک?? ويڪسين ڏن?? ويندي، اجلاس ۾ جنوري کان جون 2021ع تائين جي توسيع مدي ۾ گروپ 20 ملڪن جي قرضن جي س??ولت جي قدمن لاءِ باضابطه درخواست ڏيڻ جي ڏس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت جي درخواست جي منظوري به ڏني وئي آهي، ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪيتي جو اجلاس هتي وز??را??ظم جي ناڻي ۽ ر??ينيو واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، اقتصادي معاملن واري وزير مخدوم خسرو بختيار، وز??را??ظم جي اداره جاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، پيٽروليم واري صلاحڪار نديم بابر ۽ وز??را??ظم جي روينيو وارو خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر وقار مسعود شرڪت ڪئي،