اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوج حڪومتي پاليسين سان گڏ بيٺل آهي ۽ ماضي جي ??ڪومتن جي مقابلي ۾ فوج سان موجوده حڪومت جا شاندار لاڳاپا آهن، ڪنهن هڪ ملڪ طرفان اسرائيل ک?? تسليم ڪرڻ سان فلسطين جو مسئلو ختم نه ٿيندو، ان مسئلي جو حل پاڻ اسرائيل جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا مڪمل آزاد آهي ۽ ايستائين جو حڪومت ۽ وزيرن کي به ان کان تحفظ حاصل ??ه آهي، جيتري اسان جي ??ڪومت جي ??لاف ميڊيا ۾ تنقيد ٿي ماضي ۾ ائين ناهي ٿيو، ڪجهه موقعن تي اسان جي ??لاف ميڊيا جي ??ريعي پروپيگنڊا ڪيو ويو، اسان جي ٻن سالن جي ??ڪومتي دور ۾ سڀ کان وڏي تبديلي اها آئي آهي ته پاڪستان ۾ ايليٽ ڪلاس کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو، اسان جي ??ڪومتي دور ۾ ڪرپشن جو ڪو به ميگا ڪيس سامهون ناهي آيو، هيٺين سطح تي ڪرپشن جو اعتراف آهي تنهن هوندي به ان جي ??اتمي جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. غير ملڪي ٽيلي ويزن چئنل الجزيره کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جا چين ۽ آمريڪا سان بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان کي ڪنهن ڪيمپ جو حصو هجڻ جي ??رورت ??ه آهي، اسان هر ملڪ سان بهترين لاڳاپا ڇو نٿا رکي سگهون، وزيراعظم چيو ته ??سان جو مستقبل چين سان جڙيل آهي جيڪو دنيا ۾ ڪنهن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، هن 62 ارب ڊالر جي لاڳت جي ??قتصادي لنگهه منصوبي جي ??رطن ۾ ترميم لاءِ چين سان ڳالهين جي ??رديد ڪندي چيو ته چين سان اسان جا لاڳاپا هن وقت پهرين کان بهتر آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان چين جي ??رقي ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جي ??جربن مان فائدو کڻدو، آمريڪا سان لاڳاپن جي ??والي سان هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته ڪجهه سال اڳ جي ڀيٽ هن وقت آمريڪا سان اسان جا لاڳاپا بهترين آهن، افغانستان ۾ اسان امن جا سهولتڪار آهيون، حڪومت افغانستان ۽ طالبان جي وچ ۾ مستقبل ۾ اقتدار ۾ حصيداري جي معاهدي جي ??مايت جي ??والي سان پڇيل هڪ سوال جي ??واب ۾ وزيراعظم چيو ته ??فغان جيڪو پنهنجي لاءِ بهترين سمجهن ٿا اهو اسان جي لاءِ به سٺو هوندو، افغان امن ۾ افغانستان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان جو آهي، هن چيو ته ??فغانستان ۾ 19 سالا جنگ ۽ قتل ۽ غارت کانپوءِ جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته ??هو سڀ اچانڪ گڏجي ??هڻ شروع ڪري ڇڏين ته منهنجي ??يال ۾ اها صورتحال انتهائي ڏکي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان طالبان ۽ افغان حڪومت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، دراصل هڪ معجزو آهي، عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي ??حالي لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو.