اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پبلڪ سروس جي نگراني ۾ بهتري لاءِ ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خاص مددگار عثمان ڊار مستقبل جي منصوبابندي تي ٻڌل جامع پ??ان پيش ڪري ڇڏيو، وزيراعظم ٽائيگر فورس جي ذريعي اي گورنن?? سسٽم آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ٽائيگر فورس اي گورننس پ??ان تي مشا??رت ڪئي وئي آهي، ٽائيگر فورس جا نوجوان مقامي سطح تي گورننس جي معاملن کي رپورٽ ڪر?? سگهندا، ضروري شين جي قيمتن ۽ صحت جي سهولتن بابت عملدارن کي آگاهه ڪيوويندو، پناهگاهن، مارڪيٽن، تعليمي ادارن ۽ عوامي جاين تي سروسز جي فراهمي رپورٽ ٿيندي، ٿاڻي، لينڊ رڪارڊ، بجلي چوري ۽ عوامي شڪايتن ت?? به نظر رک?? سگهندا، سروسز جي فراهمي کان انڪار يا رشوت جي ڪوشش کي رپورٽ ڪر?? سگهجي ٿو.