لاهور – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته چونڊن جي ??لتوا جو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، اها آئيني ضرورت آهي ۽ يقين آهي ته پاڪستان جي ??وام، لاڳاپيل ادارا ۽ منظم سياسي پارٽيون آئين ۾ مقرر ڪيل مدي جي ??ندر چونڊن جي ??نعقاد کي يقيني بڻائيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين اعليٰ ۽ مقدس آهي ۽ ان کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، آئين موجب کيس هر طرح سان غيرجانبدار صدر رهڻ?? آهي ۽ هو طرزعمل سان لاڳاپيل سمورن معاملن ۾ سدائين آئين جي ??وح جي پيروي ڪندو. صدر چيو ته نگران حڪومت جي ??وح ان جي ??يرجانبداري کي يقيني بڻائڻ آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ برابر جو ميدان فراهم ڪري چونڊون شفاف، منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي طريقي سان ڪرايون وڃن، نگران حڪومتن جي قيام ۾ انهي جذبي جي ??ڪاسي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪيترن ئي نتيجن ۾ دير ٿي ۽ هن ٽيڪنالاجي ??اص طور تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ??ستعمال تي زور ڏنو ته جيئن آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن جي ??نعقاد کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر وڌيڪ چيو ته هن سياسي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي بار بار چي?? آهي ته سياسي ۽ معاشي درجه حرارت کي گ??ٽ ڪرڻ جي ??خت ضرورت آهي جيڪا انهي وقت ممڪن آهي جڏهن سموريون ڌريون ۽ لاڳاپيل ادارا قوم کي درپيش سياسي پولرائيزيشن، معيشت ۽ مهانگائي جهڙن اهم مسئلن تي متفق ٿين. صدر چيو ته عالمي اقتصادي صورتحال ۽ اسان جي پنهنجي ڪمزورين جي نتيجي ۾ سنگين معاشي صورتحال ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿي?? آهي ۽ آءِ ايم ايف پاران لاڳو ڪيل شرطون ماڻهن جي ??ماجي ۽ اقتصادي ڀلائي تي وڌيڪ دٻاءُ وجهي سگهن ٿيون، ان ڏس ۾ عوام کي تيار ڪرڻ جي لاءِ هڪ مڪمل مينڊيٽ رکندڙ حڪومت جي ??رورت آهي. هن چيو ته مشڪلاتن جي ??اوجود کيس يقين آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو ۽ معيشت ٻيهر مضبوط ٿيندي. صدر چيو ته موجوده وزيراعظم سان پنهنجي پهرين ملاقات دوران هن کيس عوامي مفاد ۾ قدم کڻڻ جو مشورو ڏنو هو جنهن ۾ بجلي، گئس ۽ پاڻي جي ??چت شامل آهي. صدر چيو ته ايوان صدر مڪمل طور تي ماحول دوست توانائي تي منتقل ڪي?? آهي، ايوان صدر هڪ ميگاواٽ جي ??ولر پلانٽ جي ??ريعي پنهنجي ??موري توانائي جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو، ان کانسواءِ وڌيڪ توانائي قومي گرڊ کي سپلائي پڻ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي ??يوان صدر کي عالمي سطح تي هڪ ماحول دوست صدارتي آفيس طور تسليم ڪيو وي?? آهي ۽ اها دنيا جي پهرين گرين پريزيڊينسي آهي. صدر چيو ته پنجاب جي گورنر سان ڳالهه ٻولهه دوران هن کيس ٻڌايو ته صوبي ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جي ??والي سان آئين جي ??دن کان ٻاهر ڪو قدم نه کنيو ويندو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پاران سياست کان جدا رهڻ جي ??رادي جو اظهار ڪيو وي?? آهي ۽ انهي لاءِ هن سياستدانن تي زور ڏن?? آهي ته اهي ان موقعي مان فائدو کڻن، ذميواريون سنڀالين ۽ جمهوري طريقي سان عوام کي درپيش مسئلا حل ڪن. هن چيو ته تاريخ بار بار ثابت ڪي?? آهي ته ”مائنس ون“ جو فارمولو ڪڏهن به ڪم ناهي آيو ۽ جيڪي عنصر ان تي ڳالهه ڪري رهيا آهن يا ان تي عمل پيرا آهن اهي ملڪ جي ڪا خدمت نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته سياستدانن کي توهين جي ??لزام ۾ هٿڪڙيون هڻي انهن جا چهرا لڪائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي ڇو ته اهڙي طرح جو سلوڪ خطرناڪ دهشتگرد يا ڏوهاري سان ڪيو وڃي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ هنچيو ته ڪنهن به م قبول اڳواڻ کي گرفتار نه ڪرڻ گهرجي، سمورين ڌرين کي اهڙو ڪو به قدم کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ??نهن سان ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني پ??دا ٿيڻ جو خدشو هجي، ان سان عام ماڻهن جي مشڪلاتن ۽ بدحالي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ صدر چيو ته ارشد شريف جي قتل جو معاملو اڃا تائين حل طلب ڳجهارت آهي. هن چيو ته ڪو صحافي يا شهري ان سلوڪ جو مستحق نه آهي جيڪو انهن کي فراهم ڪيل قانوني ۽ آئيني حقن جي ??بتڙ هجي. هڪ سوال جي ??واب ۾ صدر چيو ته پي ٽي آءِ سان وابستگي دوران هن ٻاهرئين ملڪ مان عطين جي منتقلي جي لاءِ هڪ لميٽيڊ لائبليٽي ڪمپني ٺاهڻ جو مشورو ڏنو هو جيڪو رقم جي قانوني منتقلي جو واحد رستو هو. هن چيو ته اهو بلڪل قانوني ۽ عالمي قانونن جي ??ائري ۾ آهي ۽ اهڙي طرح جي ??مورن عطين کي شفاف ۽ قانوني طريقي سان ورتو وڃي ٿو.