اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??اري ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي ت?? لڪسمبرگ جي وزيراعظم هاويئر بيٽل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته کيس ڊيووس ۾ لڪسمبرگ جي وزيراعظم هاويئر بيٽل سان ملي خوشي ٿي جنهن وٽ پاڪستاني انبن بابت سڀني جي لاءِ خصوصي پيغام آهي. بلاول ڀٽو زر??اري چيو ته اسان جا انب دنيا ۾ بهترين آهن، خوشي آهي ت?? لڪسمبرگ جو وزيراعظم اسان جو تمام وڏو مداح آهي.