اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جو خصوصي قدم، پاڪستان انفارميشن سينٽرز جي اهتمام هيٺ ڪراچي کان گلگت بلتستان تائين سڄي ملڪ جي صحافين جي لاءِ تربيتي ور??شا??س جي شروعات ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، ڪراچي، مظفرآباد ۽ گلگت بلتستان ۾ 20 کان وڌيڪ تربيتي ور??شا??س منعقد ڪيا ??يا ??ڃن جن ۾ 1500 جي لڳ ڀڳ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سان واڳيل نون ۽ مڊ ڪيريئر صحافين کي صحافت ۾ جديد رجحانن ۽ درپيش چئلينجز جي حوالي سان مختلف موضوع?? تي تربيت ڏني پئي وڃي. پاڪستان انفارميشن سينٽر جي قيام جو مقصد سڄي ملڪ جي صحافين کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. ان کان اڳ 2022ع ۾ پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران مختلف موضوع?? تي سڄي ملڪ ۾ 16 تربيتي ور??شا??س منعقد ڪيا ??يا ??ئا جن ۾ 700 کان وڌيڪ صحافين کي تربيت ڏني وئي. صحافتي حلقن خاص طور تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ ٻين صحافت تنظيمن پاران پڻ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ان قدم کي خوب ساراهيو ويو. انهن تربيتي ور??شا??س جي انعقاد جو سلسلو نه رڳو صوبائي گادي وارن شهر پر ملڪ جي ٻين علائقن خاص طور تي اندرون بلوچستان، سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ پنجاب جي ڏورانهن علائقن تائين ڦهلايو پيو وڃي ته جيئن انهن علائقن ۾ رهندڙ صحافين کي به تربيتي ور??شا??س مان فائدو کڻڻ جو موقعو ملي سگهي. پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انويسٽي گيٽو جرنلزم، ڊيجيٽل ميڊيا اٿينٽسٽي، فيڪ نيوز ۽ ڊاڪيومينٽري ميڪنگ جهڙن اهم موضوع?? تي تربيتي ور??شا??س منعقد ڪيا ??يا ??ڃن. انهن تربيتي ور??شا??س ۾ سينيئر جرنلسٽس، ميڊيا ??عاملن سان لاڳاپيل ماهرن، ماس ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽس جي استادن کان فائدو کنيو پيو وڃي ۽ انهن کي بطور ٽرينر انهن ور??شا??س ۾ گهرايو پيو وڃي. ان حوالي سان اسلام آباد ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ”خبرن جي صداقت، جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپئگنڊه جي تدارڪ“ جي عنوان سان 28 ۽ 29 ڊسمبر تي ٻن ڏينهن واري تربيتي ور??شا?? جو اهتمام ڪيو پيو وڃي.