سکر – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيرپور پهتو کيس ٻوڏ متاثرين ۽ ٻوڏ وا??ي پاڻي کي ڪڍڻ بابت بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم شهباز شريف هيليڪاپٽر ذريعي خيرپور ويجهو ڪوٽڏيجي پير گڊو پهچي ويو، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد قائم علي شاهه ساڻس گڏ آهن. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪندو. وزيراعظم کي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور بريفنگ ڏيندو. وزيراعظم جي اچڻ جي مقوعي تي سڄي شه?? ۾ ??يڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئ?? وئي آهي.