شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 ۽ 8 نومبر 2022ع تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪلائميٽ ايمپلي مينٽيشن سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم ڪيترين ئي اعليٰ سطح جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. مختلف ليڊرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪي??ن جڏهن ته پنهنجي هم منصبن سان ۽ عالمي ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسميا??ي تبديلي واري وزير شيري رحمان، وزيراعظم جا خاص معاونين سيد فهد حسين ۽ سيد طارق فاطمي پڻ شامل هئا. ماحوليا??ي تبديلين بابت سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم ناروي جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب جي ولي عهد ۽ پنهنجي ميزباني ۾ منعقد مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو ۾ پڻ شرڪت ڪئي. هو ماحوليات بابت ”نقصانن ۽ زيان تي قدم ۽ تعاون کي وڌائڻ ۽ م??حولياتي خطرن جي حوالي سان عالمي ڍال“ جي موضوع تي هڪ اعليٰ سطح جي بريڪ فاسٽ تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن جي جرمني جي چانسلر ۽ گهانا جي صدر گڏيل ميزباني ڪئي. وزيراعظم سمٽ ۾ قومي بيان پڻ ڏنو. وزيراعظم پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جيڪو ماحوليا??ي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ خاص طور ??ي تازي موسمياتي ٻوڏ تي ڌيان ڇڪرائيندي قومي موقف مضبوطي سان پيش ڪي?? ۽ عالمي اڳواڻن کي ماحوليات جي حوالي سان پاڪستان جي پائيدار انداز ۾ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ تعاون جي دعوت ڏني. ماحولياتي ڪنوينشن جي جوڙيل اصولن جي رهنمائي ۾ فوري طور تي ماحولياتي قدمن جي لاءِ ??المي تعاون تي زور ڏيندي وزيراعظم چ??و ته ماحولياتي ڪانفرنس جا ٺوس نتيجا نڪرڻ گهرجن ۽ موسميا??ي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??رئتمنداڻا فيصلا ڪيا وڃن. ڪانفرنس جي حوالي سان پاڪستان جي ترجيحن تي روشني وجهندي وزيراعظم اسرندڙ ملڪن ۾ موافقت رکندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ??يز رفتار ۽ م??وقع مالي وسيلن جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن موسميات سان پيدا ٿيندڙ نقصانن ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فنانسنگ جي سهولت تي زور ڏنو ۽ ڪوپ ايجنڊا تحت نقصانن ۽ زيان جي روڪٿام جي لاءِ فنڊنگ جي انتظامن تي باضابطا طور تي معاهدي جي آجيان ڪئي جيڪو هڪ اهم مقصد آهي جنهن تي پاڪستان گروپ 77 جي چيئرمين طور عمل ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عالمي اڳواڻن سان رسمي ۽ غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ۾ سعودي عرب ولي عهد ۽ وزيراعظم، جرمن چانسلر، مصري صدر ۽ ناروي جا وزيراعظم شامل هئا. انهن ملاقاتن دوران ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ڪوپ – 27 ۾ پاڪستان جي ماحوليا??ي تبديلي جي حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهي جي لاءِ پاڪستان پويلين ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ڪوپ – 27 جي باقاعده سرگرمي 18 نومبر 2022ع تائين جاري رهندي. گروپ 77 جي صدارت ڪندڙ جي حيثيت سان پاڪستان موسميا??ي تبديلي بشمول ماحولياتي فنانس، موافقت، خاتمي ۽ صلاحيت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۾ اسرندڙ ملڪن جي قيادت ڪري رهيو آهي.