شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي ص??ر محمد بن زيد النيهيان گڏيل مفاد جي گڏيل مقصدن جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي ص??ر محمد بن زيد النهيان مصر ۾ ڪوپ 27 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي فراخدلاڻي امداد تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي ??اء?? ڪوپ 27 جي عزم کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ رڳو اسرندڙ ملڪن جي وس ۾ نه آهي، عا??مي برادري کي گڏجي زمين جي بقاءَ جو گڏيل چارٽر ٺاهڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف ڪوپ 27 ڪانفرنس جي مقصدن جي ??اء?? عا??مي برادري خاص طور تي اسلامي دنيا جي عزم جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفاد جي گڏيل مقصدن جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.