اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارن فنڊيڊ فتني مڃي ورتو آهي ته هن آرمي چيف کي اڻڄاتل مدي تائين توسيع جي آڇ ڪئي هئي، ان سان اهو ئي سلوڪ ٿي رهيو آهي جنهن جو هو مستحق آهي، سمورا والدين پنهنجي ٻارن، ٻارڙين ۽ فيمليز کي سڀاڻي عمران خان جي خوني مارچ کان محفوظ رکن. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته عمران خان توهان ڪرپشن نه ڪئي، چار سال ڌاڙا هنيا آهن. هن چيو ته الحمدالله، ملڪ تباهي طرف وڃڻ کان ڇهه مهينا اڳ بچي ويو، اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو فوج جي اميج کي بهتر نه پر صرف فوج ۾ بغاوت ۽ شهيدن جي خلاف مهم هلائي سگهي ٿو. پاڪس??ان تحريڪ انصاف کي رڳو فارن فنڊيڊ فتني ڪريش ڪيو آهي. هن چيو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله ڏوه??ري هئا ته توهان چار سال ۾ ثابت ڪري ڇڏيو ها، جاسوسي جي اجازت عمران خان پاڻ ڏني هئي، عمران خان اقتدار ۾ ا??ند?? ئي پنهنجن ويجهن ماڻهن کان اکيون ڦيري ڇڏيون، عمران نيازي کي آزاد ميڊيا کان نه پر پنهنجي اندر جي فتني جو خوف هو. هن چيو ته چونڊون آ??ين?? مدو پورو ٿيڻ تي ايندڙ سال ٿ??ند??ون.