اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزما?? ڪائره چيو آهي، ته پاڪستان ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي موقف تي ??مي??ه قائم آهي ۽ هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو، قومون پنهنجي تهوار ??مي??ه هڪ خاص مقصد تحت ملهائينديون آهن ۽ پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ صديون ڪوشش ڪنديون آهن، ضروري ناهي ته فوري طور تي منزل ملي وڃي، ان لاءِ بيشمار قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن، پاڪستان سان ڀار?? جي مخالفت اها ئي آهي ته انهن ڪڏهن به پاڪستان جي وجود کي تسليم ناهي ڪيو، انهن جي دلين ۾ شروع کان ئي نفر?? جي باهه ٻري رهي آهي، پوءِ اهو ڪرڪيٽ جو ميدان ئي ڇو نه هجي. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز ۾ ”ڪشمير هندوستان متوقع الحاق“ جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ??مي??ه ڪشميرين جي موقف کي تسليم ڪيو آهي، جڏهن ته ڪڏهن به ان کي ڪشمير جو مسئلو ناهي سمجهيو، بلڪه پاڪستان جو مسئلو سمجهيو آهي، حڪومت ڀلي ڪنهن جي به هجي، ڪير به اقتدار تي ويٺل هجي، ڪشمير بابت پاڪستان جو موقف ??مي??ه ساڳيو ئي رهيو آهي، ڀارت ??مي??ه ظلم، ڏاڍ ۽ مختلف هٿ ڪنڊن سان ڪشمير جي جاگرافيائي حالتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.اڄ به ??ار?? جي اها پاليسي رهي آهي ته ڪشمير کي عالمي منظر تان هٽايو وڃي جنهن ڪري هو شهريت ۽ ڊوميسائيل جي قانونن ۾ تبديليون ڪري رهيو آهي. صحافي ارشد شريف بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان حڪومت سڀني معاملن تي گهري نظر رکي آهي، ان موقعي تي تقريب کي صدر ڪشمير يوٿ الائنس طاهر مجاهد به خطاب ڪيو.