اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حق??قت کان هٽي ڪري بيانن کي پيش ڪرڻ اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال جو سبب بڻجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ۾ شايع/ نشر ٿيندڙ انهن خبرن جو سخت نوٽيس ورتو آهي جن ۾ سومر ڏينهن ”آج“ ٽي وي جي اينڪر عاصمه شيرازي سان انٽرويو دوران ”سائفر“ جي حوالي سان صدر جي بيان کي مڪمل طور تي حق??قت کان هٽي ڪري پيش ڪيو ويو. پنهنجي انٽرويو ۾ صدر واضح طور تي چيو هو ته کيس سازش بابت شڪ ??هي ‘suspicion’ آهي جڏهن ته ان جو حتمي فيص??و مڪمل جاچ کانپوءِ ئي ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکڻ کان وٺي هيستائين ان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي ۽ ان خط ۾ هن سپريم ڪورٽ کي معاملي جي مڪمل انڪوائري ڪرڻ جي درخواست ڪئي ه??ي ڇو ته کيس پڪو يقين آهي ته ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. صدر ان معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ ان ل??ءِ نه موڪليو هو ته کيس سازش بابت ڪو شڪ نه هو، پر ان ل??ءِ ته اهو معام??و ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم پاران اٿاريو ويو هو، تنهن ڪري سمورن دستياب واقعاتي ثبوتن سميت پوري معاملي جي غيرجانبداراڻي جاچ ضروري آهي. هن چيو ته اسان ان حق??قت کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ته سائفر جا قومي سطح تي اثر پيا ۽ ان جي ڪري سياسي هلچل پيدا ٿي. ان ل??ءِ هن سپريم ڪورٽ کي پاڪستان حڪومت پاران جاري ڪيل ڊيمارش کان هٽي ڪري به غيرجانبداراڻي انڪوائري جي درخواست ڪئي. اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته صدر جي لفظن کي هڪ انتهائي سنجيده معاملي تي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو جنهن سان سنگين اثر پيا. صدر پارليامينٽ ۾ ۽ ان کانسو??ءِ به ڪيترائي ڀيرا ”حق??قت کان هٽي ڪري“ تصويرڪشي جي اثر بابت ڳالهه ڪري چڪو آهي ۽ حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيل بيان اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا.