اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي حفاظت ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو ا??هار هن شهيدن جي گه??ڀا??ين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر منيب افضل جي والد ۽ ميجر خرم شهزاد جي ڀاءُ سان تعزيت ڪئي. صدر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبيدار عبدالواحد، نائيڪ جليل ??نجم، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي شعيب خان جي گه??ڀا??ين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي اتر وزيرستان ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبيدار جاويد اقبال ۽ نائيڪ حسين احمد جي پونئيرن سان پڻ تعزيت ڪئي. صدر ڏکڻ وزيرستان ۾ فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ نائيڪ عبدالرشيد ۽ سپاهي رسول بادشاهه جي گه??ڀا??ين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ملڪ جي حفاظت ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گه??ڀا??ين جي لاءِ صبر جميل ??ي دعا ڪئي.