اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستا?? ۽ ??رمن?? واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻطرفي دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته جرمني ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ پاڪستان کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. ناڻ?? واري وفاقي وزير مفتاح اس??اعيل سان پاڪستان ۾ جرمني جي سفير الفرڊ گراناز ملاقات ڪئي. وفاقي وزير جرمن سفير کي پاڪستان ۾ نيون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ناڻ?? واري وزير پاڪستا?? ۽ ??رمني وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جرمني سان پنهنجي لاڳاپن خاص طور ت?? واپار، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ناڻ?? واري وزير ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ موجوده حڪومت طرفان کنيل قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي ۽ جرمني جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. ناڻ?? واري وزير جرمني جي سفير کي پاڪستان ۾ چوماسي جي تازين برسات?? ۽ ??ديد ترين ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان جي باري ۾ پڻ آگاهه ڪيو. جرمن سفير ناڻ?? واري وزير جو ٿور?? مڃيو. هن پاڪستان سان مختلف شعبن خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، جرمني جي سفير تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته جرمني امدادي ڪاررواين ۾ پاڪستان سان مڪمل تعاون فراهم ڪندو، ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ڌرين مختلف شعبن ۾ لاڳاپ?? ۽ ??عاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.