اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پر??يز اشرف چيو آهي ته ايشيا پيسفڪ ملڪن پاران پاڪستاني عوام جي اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار انتهائي خوش آئنده آهي، اها حمايت تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ مثالي ۽ متحد ڪوشش آهي، عالمي ??وسمياتي تبديليون هن ڪره ارض ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن سيمينار جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چي?? ته ايشيا پيسفڪ ملڪن پاران پاڪستاني عوام جي اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار انتهائي خوش آئنده آهي. قرارداد ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي حالت ۽ اسرندڙ ملڪن جي ڪمزور معيشتن تي موسمياتي تبديلين جي نتيجن کي اجاگر ڪيو ويندو. سيمينار ۾ شريڪ ملڪن پاران پاڪستان جي عوام سان اڻٿڪ يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ساراهه جوڳو آهي. اها حمايت تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ مثالي ۽ متحد ڪوشش آهي. هن چي?? ته عالمي ??وسمياتي تبديليون ڌرتيءَ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ وڏو خطرو آهن. هن چي?? ته ايس ڊي جيز جي لاڳو جي حمايت ۽ نگراني پارليامينٽ ميمبرن جي اهم ذميواري آهي. پارليامينٽ جي ميمبرن کي پنهنجي آئيني ذميواري کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ايس ڊي جيز جي پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي هن سياري کي هڪ محفوظ جڳهه ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر ۽ خوشحال مستق??ل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. ايس ڊي جيز کي حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ملڪن جي پارليامينٽن کي ٽئين آءِ پي يو علائقائي سيمينار جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چي?? ته آءِ پي يو جي صدر دارتي پچيڪو ۽ آءِ پي يو جي عملي جو پاڪستان جي قومي اسيمبلي سان مسلسل ويجهي تعاون تي ٿورا مڃان ٿو. هن چي?? ته ڪنوينر ايس ڊي جيز رومينه خورشيد عالم سيمينار جي شريڪ ٿيندڙن جو ڌيان تباهه ٿيندڙ ٻوڏ طرف ڇڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. راجا پر??يز اشرف چي?? ته تازي ٻوڏ ۾ ملڪ جو ڀاڱي چوٿون حصو ۽ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ سان شروعاتي معاشي نقصان جو ڪاٿو 10 بلين ڊالر کان وڌيڪ آهي. ٻوڏ سان شديد متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ خوراڪ جي عدم تحفظ ۽ غذائيت جي گهٽتائي اڳ ۾ ئي نازڪ سطح تي هئي. هن چي?? ته پاڪستان 1954ع کان هيستائين عالمي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جي اخراج ۾ رڳو 0.4 سيڪڙو ??صو وڌو آهي. پاڪستان موسمياتي تبديلين جي وڏي قيمت ادا ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن ملڪن سان روانڊا ۾ آءِ پي يو جي ايندڙ جنرل اسيمبلي ۾ هنگامي ??رارداد پيش ڪري روانڊا ۾ پيش ٿيندڙ قرارداد پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر عوام جي خراب حالت ۽ موسمياتي تبديلين جي نتيجن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.