اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي اڏامن جو سلسلو جاري آهي، هيستا??ين 56 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ هيستا??ين گڏيل ??رب امارات مان 26، ترڪيه مان 11، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر م??ن چار، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون ٻه، گڏيل ق??من جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) جون ٽي، ترڪمانستان مان هڪ، اردن جي هڪ ۽ خوراڪ واري عالمي اداري جون ٻه اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن.