اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۽ مڪمل بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٻ??ڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳا??ڻ جي لاءِ گڏيل سروي ??ڀ کان پهرين بلوچستان ۾ شروع ڪئي وڃي، حڪومت متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي طريقيڪار ۾ شفافيت يقيني بنائيندي، آخري ٻوڏ متاثر کي ان جو حق ملڻ تائين سک سان نه ويهندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻ??ڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثرين کي فوري مالي مدد اين ڊي ايم اي جي نگراني ۾ ڊيجيٽل طريقيڪار سان فراهم ڪئي وڃي. اجلاس کي گڏيل سروي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته سروي ۾ ٻوڏ جي دوران فوت ٿيندڙن، زخمين، تباهه ٿيل گهرن، دڪانن، فصلن ۽ مارجي ويل چوپائي مال جي ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي جنهن سان بحالي جي ڪمن ۾ شفافيت، بهتري ۽ تيزي يقيني بڻائي سگهبي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اها سروي ??ڀ کان پهرين بلوچستان جي ٻ??ڏ سٽيل علائقن ۾ ڪئي ويندي جڏهن ته اها سروي 20 آگسٽ 2022ع کان شروع ڪري ان جي پڄاڻي 22 سيپٽمبر 2022ع تائين يقيني بڻائي ويندي. ان کانسواءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران ڏني ويندڙ فوري مالي مدد ۽ بائيو ميٽرڪ نظام تحت ورڇ ٿيندي جنهن جي نگراني اين ڊي ايم اي ڪندي. وزيراعظم انهن سمورن قدمن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻا??ڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اق??ال، مولانا اسعد محمود، مفتاح اسماعيل، وزيراعظم جي خاص معاون احد چيما، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ڪشمير معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.