سکر – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ضلعي انتظاميا سکر پاران ڪشمير جي قانوني حيثيت ختم ڪرڻ جهڙي غيرقانوني عمل کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ميونسپل اسٽيڊيم کان پريس ڪلب سکر تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر جاويد اح??د چيو ته هندستان پاران ڪشميرين تي ظلم ۽ والاريل ڪشمير جي قانوني حيثيت کي ختم ڪرڻ عالمي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. اڄ ان غيرقانوني عمل کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آه??. ر??لي ۾ ”ڪشمير بڻجندو پاڪستان، ڪشمير جي خودمختياري بحالي ڪريو، ڪشمير جو استحصال نامنظور، پاڪستان زندهه آباد“ جا ??عر?? هنيا ويا.