اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير، گلگت بلتستان مع??ملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن جي خواهشن موجب هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي جي بجيٽ فراهم ڪئي ??ئي ??ڃي، عمران خان حڪومت آءِ ايم ايف مع??هدي ۾ پيٽروليم تي ليوي لڳائڻ جي ڳالهه مڃي، اسان اها شرط تسليم نه ڪئي، ڀارت جا سمورا حربا ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي حوصلن کي نه ٿا ٽوڙي سگهن. هو منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي حڪومت جو ڏاڍ ۽ بربريت زورن تي آهي، ڀارت پاران 12 شهرين کي شهيد ڪندي تشدد جي نئين لهر مڙهي پئي ??ڃي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ هڪ ٻيو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سميت ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ جون حڪومتون آهن ۽ هڪ تاثر ڏنو ويو ته وفاقي حڪومت پاران بجيٽ گهٽ ڪئي ??ئي ??ڃي، اهو مع??ملو وزيراعظم شهباز شريف جي علم ۾ آندو ويو ته هن ان تي نوٽيس ورتو. هن چيو ته هن وق?? ملڪ ۾ هونئن ئي مع??شي بحران آهي، هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ ڪنهن صوبي کي ترقياتي بجيٽ جاري ناهي ٿي سگهي پر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مع??ملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي منصوبابندي، ترقي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي بجيٽ کي خواهشن جي موجب بڻايو آهي، پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي ٻنهي حڪومتن جي درخواست تي نه پر اسان پاڻ ئي ??وري اجلاس گهرايو ۽ انهن کي گهرايو، اڄ انهن جي اطمينان موجب مع??ملو حل ٿيو آهي. هن چيو ته وفاق سمورن صوبن جي برابر ترقي جو خواهشمند آهي. هن چيو ته آءِ ايم ??يف جون ڪيتريون شرطون مڃي رهيا آهيون اهو به قوم کي ٻڌائڻ ضروري آهي، عمران خان آءِ ايم ??يف سان پيٽروليم ليوي لڳائڻ جي ڳالهه مڃي پر اسان ان شرط کي نه مڃيو، مشڪل فيصلا ڪندڙ حڪومت ايتري ئي جرئت سان اميرن جي سموري ڪلاسز تي اضافي ٽيڪس لڳائي رهي آهي، اسان جو اهو ئي ??قصد آهي ته پاڪستان ۾ امير ۽ غريب ۾ جيڪو فاصلو وڌندو پيو وڃي ان کي گهٽ ڪيو وڃي، غريبن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين.