اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف بڪين ۽ جيري جي اسپتال ??اڪ??تان ڪڊني اينڊ لور انسٽيٽيوٽ (پي ??ي ايل آءِ) لاهور جي بورڊ جي بحالي جو باضابطه حڪم جاري ڪري ڇڏيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊاڪٽر سعيد اختر کي آمريڪا مان واپس گهرائي پو??ِ پي ??ي ايل آءِ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، وز??راعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن پي ??ي ايل آءِ جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪئي هئي، چار سال اڳ ڊاڪٽر سعيد اختر عدالتي ڪارروائي ۽ ٻين مسئلن کانپوءِ آمريڪا واپس هليو ويو هو، ڊاڪٽر سعيد اختر شهباز شريف پاران جذبو ڏيارڻ تي آمريڪا مان سڀ ڪجهه ڇڏي ??اڪ??تان آيو هو، وز??راعظم شهباز شريف ڊاڪٽر سعيد اختر کي واپس آڻڻ ۾ ذاتي طور تي ڪردار ادا ڪيو، پي ??ي ايل آءِ گردي ۽ جگر جي پيوندڪاري جو جديد ترين ۽ عالمي معيار رکندڙ اولين ادارو آهي، ياد رهي ته وز??راعظم شهباز شريف وڏي وز??ر طور اهو منصوبو جگر ۽ گردي جي مريضن کي ٻاهرين ملڪ علاج جي مهانگي خرچن ۽ سفري وقت بچائڻ لاءِ بڻايو هو، عمران خان حڪومت ۾ ان منصوبي کي به سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو هو.