اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ يو??يا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ يو??يا ۽ ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي روڪڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ طلب ۽ پهچ جو ٺوس نظام بڻائڻ سان گڏوگڏ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سخت بارڊر ڪنٽرول وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ يو??يا جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ س??حي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽ ۾ يو??يا ۽ ڊي اي پي جي مستحڪم ۽ گهٽ اگهن تي دستيابي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن ملڪ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿي سگهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن ملڪ ۾ يو??يا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مارڪيٽ ۾ قيمتن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ هر مهيني جي شروع ۾ 2 لک ٽن يو??يا جي اسٽريٽجڪ اسٽاڪ ۾ دستيابي ضروري آهي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل ??مل??ارن کي هدايت ڪئي ته اهي پاڪستان جي آبادگارن ۽ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف پهچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻن. ه?? چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، خوراڪ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سول ۽ عسڪري ??مل??ارن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي ??يف سيڪريٽرين، آءِ جي پوليس، آءِ جي ايف سي ۽ ٻين اعليٰ ??مل??ارن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.