اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي س??ا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي س??براهي ۾ جيلن ۾ قيدين جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لاهور جي دوري جي موقعي تي ڪوٽ لکپت جيل جو دورو ڪيو ۽ قيدين جي س??ائن ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ جيل سڌارن جي لاءِ گهرو وزير جي س??براهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم پاران اعلان ڪيل جيل سڌارا ڪميٽي ۾ چئني صوبن جي نمائندگي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پ??هنجي س??ا مڪ??ل ڪري وٺن انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ڪوٽ لکپت جيل عملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ته قيدين جي سهولت لاءِ دستياب ذريعن کي موثر طريقي س??ن استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيدين جي بنيادي ضرورتن کي پ??رو ڪري سگهجي، ان ڏس ۾ وزيراعظم قيدين جي کاڌي پ??تي ۽ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم قيدين کي هنرسازي جي لاءِ پڻ دستياب ذريعا موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي خصوصي هدايت ڪئي ته جيئن قيدي پ??هنجي س??ا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي س??ا کانپوءِ معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي س??ن تيار ڪ??ي سگهن.