اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف اڱاري ڏينهن اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان جدا جدا ملاق??تو?? ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ميان محمد شهباز ش??يف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز ش??يف مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پڻ ويو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز ش??يف سردار اختر مينگل، ڊاڪٽر خالد مگسي، شاهه زين بگٽي ۽ اسلم ڀوتاڻي سان پڻ ملاق??تو?? ڪيون. شهباز ش??يف وزيراعظم جي عهدي تي پنهنجي نامزدگي، حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ تعاون تي سڀني قائدين، اڳواڻن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز ش??يف اتحادي پارٽين جي قائدين سان ڪابينا جي جوڙجڪ تي اهم مشاورت پڻ ڪئي. هن چيو ته اسان انهي جذبي ۽ گڏيل اعتماد سان اڳتي وڌنداسين جنهن جي ذريعي هن منزل تائين پهچڻو آهي. هن اتحادي پارٽين جي قائدين کي يقين ڏياريو ته اتحاد، مشاورت ۽ تعاون سان اڳتي وڌنداسي?? ۽ ??ڏجي مسئلا حل ۽ واعدا پورا ڪنداسين.