اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي 29 مارچ تي ضلعي ٽانڪ ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پونئرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن سان افسوس جو اظهار ۽ شهيدن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر وطن جي خاطر جان ??رب??ن ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، صدر ڪيپٽن س??د بن عامر ۽ صوبيدار ميجر شير محمد جي پوئينرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو، ص??ر عا??ف علوي حوالدار سهيل اقبال، لانس نائيڪ علي غلام ۽ رياض جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي مسڪين علي ۽ سپاهي مير جي وارثن سان به رابطو ڪيو، ص??ر عا??ف علوي شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.