اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، معاشري جي سمورن طبقن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردا?? ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر س?? سي آءِ) ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي جي وڪالت ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستاني عورتون مختلف شعبن ۽ پيشن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيون ??هن، هن چيو ته ملڪ ۾ عورتن وڏي جدوجهد کانپوءِ ڪامياب مقام حاصل ڪيو آهي، عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيون ??هن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيون ??هن. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته حڪومت عورتن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي ره?? آهي، هن پنهنجي گهرن تي ئي ٻارن ۾ عورتن جي احترام جي قدرن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ته جيئن هڪ مهذب معاشري کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي.