اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو مل?? آهي جيڪو هندوئن، عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي جتي اهي سمورا ماڻهو پرامن طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڀارت ۾ اقليتن کي بدترين مذهبي امتياز ۽ عدم برداشت درپيش آهي جيڪو افسوس جوڳو آهي، اسان جي حڪوم?? اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ملندڙ پريس رليز موجب وزيراعظم عمران خان ڪ??نٽ??بري جي آرچ بشپ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي برداشت ۽ مختلف مذهبن جي ??اڻهن جي ??چ ۾ تعلق جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل اقليتن جي حقن جي تحفظ جي ??اءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو مل?? آهي ۽ اهو هندوئن ۽ عيسائين سميت مختلف مذهبي اقليتن جو گهر آهي ۽ اهي سمورا ماڻهو هتي پرامن طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي بدترين قسم جي ??ذهبي امتياز ۽ عدم برداشت جو نشانو ??ڻا??و پيو وڃي. وزيراعظم آرچ بشپ کي ٻڌايو ته سندس حڪوم?? اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي جيڪا اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيندي جيڪا بين المذاهب هم آهنگي ۽ انسانيت جي ??رامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿي. آرچ بشپ ان موقعي تي چيو ته مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ وقت جي ضرور?? آهي. ان کان اڳ آرچ بشپ جسٽن ويليبي پشاور جي آل سينيٽس چرچ ۾ آچر ڏينهن ميڙ ۾ شرڪت ڪئي ۽ امن ۽ مذهبي هم آهنگي جو پيغام ڏنو.