اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ادارن جي مضبوطي تي يقين ??کي ٿي. مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اهي حڪومت ۾ هجن ته سڀ سٺو هوندو آهي، مخالف ڌر ۾ هجن ته هر معاملي ۾ ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ انهن جو شيوو آهي، اسان کي اداري کي بدنام نه ڪرڻ گهرجي جڏهن اسان روزاني جي بنياد تي دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيا هجون، اسان جا آفيسر ۽ جوان روزانو قربانيون ڏئي رهيا آهن ڪالهه به پاڪ فوج جو هڪ ڪيپٽن ۽ جوان شهيد ٿيا. هن چيو ته ساڍا 3 سال کان اسان ٻڌندا پيا اچ??ن ته عدم اعتماد جي رٿ اچ?? رهي آهي، ه??ڻي جڏهن ته (ن) لي?? کي عدم اعتماد ناڪام ٿيندي نظر اچ?? رهي آهي ته انهن جو دماغي توازن وڃائجي ويو آهي، اڄ (ن) ليگ مون کي ڇو ڪڍيو جي پوزيشن تي اچ?? بيٺي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) لي?? کي سدائين ??ن وقت ٽيليفون ڪالز جي ياد ايندي آهي جڏهن اها سياسي طور تي بند گهٽيءَ ۾ وڃي پهچي ٿي، (ن) ليگ سدائين قومي مفاد تي ذاتي مفا?? کي ترجيح ڏني، لنڊن ۾ ويهي حمدالله جهڙن دشمنن سان ملاقاتون انهن جو شيوو رهيو آهي، ڀڳوڙو بڻجي لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف ادارن جي خلاف زهر اوڳاڙيندو رهيو آهي.