اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اي ڪامرس جي وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڌيان ڏنو آهي، دنيا ۾ ڪاروبار جو مستقبل ٽيڪنالاجي جي بنياد تي اي ڪامرس پليٽ فارم سان واڳيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ينگ انٽر پرينيورز/ اسٽارٽ اپس جي اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ا?? ڪامرس جي اهميت جو ادراڪ ڪ??دي ان جي گروٿ ۾ هر قسم جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن اسٽارٽ اپس جي ڪردار کي ساراهي??دي چيو ته ا?? سان اسان جي نوجوان آبادي جي لاءِ نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ٿي رهيا آهن جيڪا دنيا جي ٻي وڏي نوجوان آبادي آهي. هن لاڳا??يل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اسٽارٽ اپس کي ڪيپيٽل گين ٽيڪس، ڊيجيٽل سگنيچرز، انٽيليڪچوئل پراپرٽي رائيٽس ۽ عيرملڪي سڌوسنئون سيرپڪاري ??ي پرڪشش بڻائڻ جي لاءِ موث?? قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ا?? ڪامرس بي مثال رفتار سان ترقي ڪري رهي آهي، هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر جي ويليو ۾ 2021ع ۾ پاڪستاني اسٽارٽ اپس جي سيڙپڪاري 37 ڪروڙ 50 لک ڊالر تائين وڌي. اهم اسٽارٽ اپس ۾ اي ڪامرس، لاجسٽڪ، فنٽيڪ ۽ هيلٿ ٽيڪ شامل آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي خاص معاون ۽ سياسي معاملن واري ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين ظفر احسن، ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد، ايس ٽي زيڊ اي جي چيئرمين عامر هاشمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.