اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي اهو مسئلو آهي ته سندس ايزي لوڊ جو دڪان بند ٿي چڪو آهي، فضل الرحمان جو پاڪستاني پارلياماني سياست م ڪو ڪرد??ر نه آهي، فضل الرحمان، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي رڳو ڪرپشن وڌائي سگهن ٿيون، ملڪ هلائڻ انهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا فضل الرحمان جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي ردعمل ڏيندي ڪي??. ا??لاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته فضل الرحمان 3 سالن کان سياسي بيروزگار آهي، پنهنجي روزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي اهو صادق ۽ امين قرار ڏيندڙ وزيراعظم عمران خا?? جي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري سگهي ٿو، سڄي دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي آڙ ۾ پنهنجي سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. فرخ حب??ب چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي جي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، مولانا فضل الرحمان جيڪڏهن چونڊون کٽي وڃي ته صاف شفاف ۽ جيڪڏهن هارائي وڃي ته ڌانڌلي؟ فرخ حب??ب چيو ته مولانا فضل الرحمان کي ته صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ تي وزيراعظم عمران خا?? جا ٿورا مڃڻ گهرجن. مملڪتي وزير چيو ته ان ڌانڌلي سٽيل نظام کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خا?? سياست ۾ آيو آهي. هن چيو ته مولان?? صاحب جيڪڏهن توهان ڌانڌلي کان ڇوٽڪارو چاهيو ٿا ته اي وي ايم طرف اچ??. ا??لاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جي چونڊن ۾ رڪارڊ ووٽ مليا، 2023ع جي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ان کان ٻيڻا ووٽ کڻنداسين. فرخ حب??ب چيو ته جيڪي هر حڪومت ۾ اقتدار جا مزا وٺندا رهيا، اُهي آر يا پار وارا بري طرح خوار ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پي ڊي ايم جي نالي تي ذاتي مفادن جي تحفظ جي لاءِ انتشار پکيڙيندڙ اڳ ۾ به ناڪام ٿيا اڳتي به ناڪام ٿيندا. مملڪتي وزير چيو ته سڀني کي خبر آهي ته عوام ۾ توهان جي پذيرائي ٻُڙي اهي. فرخ حب??ب چيو ته مارچ جي ڌمڪي ڏيندڙ اڳ ۾ اهو ٻڌائين ته استعيفائون ڪٿي آهن؟ اهو کوکلو مارچ آهي، جنهن ۾ عوام جي ڪا نمائندگي نه هوندي.