اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اي پي ايس ??انحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ست سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان اي پي ايس ??انحي کي نه وساري سگهياسين، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو، ان ڏينهن کي ياد ڪري ڪو به پنهنجا لڙڪ نٿو ر??ڪي سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اي پي ايس ??انحي جا شهيد پوري قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن ??ي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو ر??ندو، هن چيو ته قوم جي حيثيت سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو، اسان پاڪستان ۾ ڊگهي امن ۽ ترق?? طرف گامزن آهيون، وفاقي وزير دعا ڪئي ته ا??له تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سندس وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.