اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري ۽ آساني يقيني بڻائي رهي آهي، ٽيڪس جي رڪارڊ ڪليڪشن عوام جي حڪومت تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معاشي ماهر آرٿر بيٽز لافر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب ملاقات ۾ پاڪستاني ٽيڪس جي نظام جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. ان کانسواءِ پوري ??نيا ۾ لاڳو ٽيڪس نظام جي مثبت ۽ منفي اثرن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪ??ي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٽيڪس بيس وڌائڻ، نظام جي بهتري ۽ جدت، عوام تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ نظام ۾ آساني آڻڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي.