اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ادارن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهول??ڪا?? آفيسرن جي مقرري ۽ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ڊيليوري ي??نٽ (پي ايم ڊي ي??) پاران جاري بيان مجب حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کنيو آهي، وزيراعظم وفاقي ادارن ۾ سهول??ڪا?? آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 39 وفاقي ڊويزنز ۾ اوورسي?? پاڪستانين جي لاءِ سهول??ڪا?? آفيسر مقرر ڪيا وڃن، وزيراعظم 13 وزارتن جي 34 ذيلي ادارن ۾ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيڪس قائم ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم جي هداي تي وزيراعظم ڊيليوري ي??نٽ لاڳاپيل وزارتن کي ان سلسلي ۾ هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سهول??ڪا?? آفيسر گريڊ 19 کان گهٽ جا نه هوندا ۽ وزارتون سهول??ڪا?? آفيسرن جي مقرري کي نوٽيفائي ڪنديون. خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته مخصوص سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو پڻ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ وفاقي ادارا سهولت جي فراهمي بابت آگاهي جي لاءِ پرڏيهي وزارت، سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت کي معلومات فراهم ڪن، ان قدم جو مقصد سمنڊ پار پاڪستانين کي آفيسن ۾ درپيش مسئلن جو ازالو ڪ??ڻ آهي. وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سموريون ڊويزنز 13 ڏينهن ۾ ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ ڏين، ان قدم سان سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ خدمتن جي فراهمي ۽ ٻين معاملن بابت آگاهي ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزارت، اوورسي?? پاڪستانين واري وزارت ۽ اطلاعات ۽ نش??يات واري وزارت پنهنجي طور تي به سهولت جي آگاهي ڏينديون.