اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايتن تي هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ شاندار طريقي سان ملهايو وي??، خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي يوم ولادت جي موقعي تي ڏينهن جو آغاز فجر جي ادائيگي تي ملڪ?? سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڄمو?? ۽ ??شمير ۽ والاريل فلسطين جي جلد آزادي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. ان موقعي تي سڄي ملڪ جي مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ قرآن خواني ڪئي وئي?? جڏهن ته پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ جي روشني ۾ ملڪي بقاءَ، ملڪ ج?? سلامتي، قومي استحڪام، نطرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت، اسلام جي سربلندي، آئين ۽ قانون جي بالادستي، اتحاد بين المسلمين، بين المذاهب هم آهنگي، اتحاد ۽ اتفاق، ڀائيچاري جي فضا جي فروغ، مستقل بنيادن تي امن جي بحالي، دهشتگردي، انتهاپسندي، بدامني، غربت، بيروزگاري، مهانگائي جي خاتمي، عوامي ڀلائي ۽ قومي خوشحالي جون خصوصي دعائون به ڪيون وي??ن. وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21 ،21 توپن ج?? سلامي ڏني وئي، جشن عيدميلاد النبي صه ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ ان عزم سان ملهايو پيو وڃي ته نبي آخر الزمان صه جي تعليمات کي ڀرپور انداز ۾ عام ڪيو وي??دو. عيد ميلاد النبي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ محفلن، جلسلن جو سلس??و شروع ٿي وي?? آهي، سمورين تقريبن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي.