اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) شفاف توانائي جي قدمن سان ايوان صدر ۾ توانائي جي 50 سيڪڙو بچت ڪئي ??ئي، سرسبز ايوان صدر جي لاءِ ڀرپور وڻڪاري مهم هلائي ??ئي، ايوان صدر کي آئي ايس او 50001 جي عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ٿي وئي اهي، ايوان صدر دنيا جي پهرين پر??زي??نسي آهي جنهن کي ماحول دوست سرٽيفڪيشن حاصل ٿيو آهي. ايوان صدر پاران ڊاڪٽر عارف علوي جي ماحول دوست قدمن تي دستاويزي فلم جاري ڪئي آهي جنهن ۾ توانائي جي حوالي سان موثر قدمن کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته ايوان صدر ۾ 7 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو شمس?? توانائي جو منصوبو لڳايو ويو آهي. ايوان صدر دنيا جي پهرين پر??زي??نسي آهي جنهن کي آئي ايس او 50001 اي اين ايم ايس جي عالمي سرٽيفڪيشن جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. جيڪو مڪمل طور تي گرين انرجي تي دارومدار ڪري ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ايوان صدر ۾ گرين پر??زي??نسي قدمن کي حاصل ڪرڻ جي ڊاڪيومينٽري شيئر ڪئي آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ايوان صدر دنيا جي پهرين پر??زي??نسي آهي جيڪا مڪمل طور تي گرين انرجي تي دارومدار ڪري ٿي ۽ ان کي آئي ايس او 50001 اي اين ايم ايس جو عالمي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي. صدر ايوان صدر جي ڊاڪيومينٽري شيئر ڪندي لکيو ته گرين پر??زي??نسي جا قدم ڊاڪيومينٽري ۾ ڏسي سگهجن ٿا. هن چيو ته انهن قدمن سان سال 21 – 2019ع ۾ ايوان صدر ۾ توانائي جي 35 سيڪڙو بچت ٿي آهي ۽ 2022ع تائين توانائي جي 50 سيڪڙو بچت جو ڪاٿو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته گرين پر??زي??نسي قدمن تحت شمس?? توانائي ??ان فا??دو ۽ بجلي جي بچت 31 لک 54 هزار 750 ڪي ڊبليو ايڇ آهي، جنهن جي ماليت 72.5 ملين رپيا آهي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گرين پر??زي??نسي قدمن، توانائي جي بچت ۽ شفاف توانائي جي پيداوار سان گرين هائوسز گيسز جي خارج ٿيڻ ۾ 3144 ٽن جي گهٽتائي ??يندي. صدر وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ هڪ لک 42 هزار 908 وڻ پڻ لڳايا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ توانائي جي بچت ۽ وڌ کان وڌ فا??دو کڻڻ جي سلسلي ۾ موثر حڪمت عملي کي يق??ني بڻايو ويو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته گرين پر??زي??نسي قدمن تحت شمس?? توانائي ??ان هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو 7 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته شمس?? توانائي سان ساليانو 1.4 ملين يونٽ گرين بجلي جي پيداوار حاصل ٿيندي. ان کانسواءِ ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۾ 1404 ٽن جي گهٽتائي سان گڏوگڏ ناڻي جي ساليانو 32.2 رپين جي بچت پڻ ٿيندي.