اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نا??يج?? جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ”لُڪ افريقا“ پاليسي تحت نا??يج?? سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نا??يج?? جي وچ ۾ ٻطرفن معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان هن سال نا??يج?? جي 100 شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ نا??يج?? جي وچ ۾ پارلياماني تعاون جي يادداشت سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپاري معاهدي جي ضرورت آهي. نا??يج?? جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو چيو ته نا??يج?? پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، نا??يج?? ڪاروبار، معيشت، واپار ۽ زراعت جي شعبن ۾ پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو، جڏهن ته زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ نهري نظام جي ??عم??ر لاءِ پاڪستان جي مدد جو خواهشمند آهي. نا??يج?? قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان پاران 100 اسڪالرشپس ۽ مهمانوازي تي پاڪستان کي ساراهيو. ان موقعي تي هن صدر کي نا??يج?? جي دوري جي به دعوت ڏني.