اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ا??ند?? مالي سال جي بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 8487 ??رب رپيا آهي جيڪو گذريل سال جي 7136 ??رب رپين جي بجيٽ کان 19 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نئين مالي سال ۾ زراعت جي لاءِ واڌاري جي شرح 3.5 سيڪڙو، صنعت 6.5 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي ۾ واڌاري جو هدف 4.7 سيڪڙو مقرر ڪيو پيو وڃي. سماجي رابطن جي ويب س??ئيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغامن ۾ هن چيو ته هلندڙ سال زرعي شعبي ۾ رڪارڊ ترقي ٿي آهي ۽ آبادگارن جي آمدني ۾ 32 سيڪڙو اضافو ??يو آهي، حڪومت ا??ند?? مالي سال جي لاءِ واڌاري جو هدف 4.8 سيڪڙو رکي رهي آهي.