اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 33 فوتگيون ٿيون جنهن مان 17 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا هڪ هز??ر 270 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 33 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 29 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملت??ن ۾ 37 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو، پشاور 25 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي س??ولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 39 سيڪڙو، ملت??ن ۾ 23 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 23 سيڪڙو ۽ ??جر??ت ۾ 61 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 35 هز??ر 280 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هز??ر 846، پنجاب ۾ 11 هز??ر 273، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هز??ر 280، اسلام آباد ۾ 5 هز??ر 397، بلوچست??ن ۾ 595، گلگت بلتست??ن ۾ 375، آزاد ڪشمير ۾ 514 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 18 هز??ر 164 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچست??ن ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 261 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 29 هز??ر 981 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 60 هز??ر 363 آهي .