اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تر??يحاتي شعبن جي هفتيوار جائزي اجلاسن جو آغاز ٿي ويو آهي، جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف لاڳاپيل و??ارتن جي سيڪريٽ??ين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم هدايت ڪئي ته ماضي ۾ نظر انداز ٿيندڙ ڇهه شعبن ۾ وڏي پئماني تي سڌارا لاڳو ڪرڻ لاءِ انهن کي تر??يحن شعبن جو درجو ڏنو ويو جنهن ۾ فوڊ سيڪيور??ي، زراعت، بجلي، افرادي قوت، ٻاه??ين سيڙپڪاري، نجڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ روانگي واپار تي خصوصي ڌيان جي لاءِ اڪنامڪ آڊٽ ريچ شامل آهن، ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ هفتيوار جائزي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ وزيراعظم پاڻ انهن شعبن جي حوالي سان مسئلن جي فوري حل جي نگراني ڪندو.