اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل ڪميشن جو 14هون اجلاس اسلام آباد ۾ ج??ري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل ڪميشن جي اجلاس ۾ يورپي يونين جي وفد جي قيادت ايشيا اينڊ پيسفڪ جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاولا پامپالوني ڪ??ي رهي آهي جڏهن ته پاڪستاني وفد جي قيادت اقتصادي معاملن و??ري ڊويزن جو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه ٻولهه يورپي يونين سان پاڪستان جي وڌندڙ حصيد??ري جي عڪاسي ڪ??ي ٿي. ترج??ان چيو ته اهي ساليانيون ملاقاتون ڌريون کي بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ۾ مشغول ٿيڻ ۽ ٻطرفي تعاون جي اهم شعبن تي گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ قابل قدر پليٽ فارم فراهم ڪن ٿيون.