اسلام آباد- 13 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ورلڊ بئنڪ جي ٽيم روانگي واپار ۾ سڌارن جي ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ ڪالهه هتي م??اق??ت ڪئي. واپار واري وزارت مان جاري پڌرائيءَ مطابق م??اق??ت ۾ روانگي واپار کي وڌائڻ ۽ قابل عمل پ??لي??ين کي اختيار ڪرڻ جي حڪمت عملين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. م??اق??ت ۾ ڄام ڪمال خان روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ حڪومت طرفان کنيل قدمن بابت وفد کي آگاهه ڪيو. وفاقي وزير عالمي بئنڪ جي وفد کي ٻُڌايو ته مسابق?? کي بهتر بنائڻ ۽ روانگي واپار ڪندڙن لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانيءَ لاءِ حڪومت هڪ متحد پ??لي??ي فريم ورڪ تحت ڪم ڪري رهي آهي. اها هڪمت عملي پاڪستان جي روانگي واپار جي شعبي کي بااختيار بنائڻ لاءِ م??لي??تي، ليڪويڊيٽي سپورٽ، ان پٽ لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ ريگيوليٽري سهولت جهڙا اهم عمل فراهم ڪري روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. عالمي بئنڪ پرڏيهه مشنز ۾ مقرر پاڪستان جي ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرز (ٽي آءِ اوز) لاءِ پنهنجي حمايت جو سلسلو جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير واپار واري وزارت طرف??ن 17 سيڪٽرل ڪائونسلن جي تازي قيام بابت وفد کي ٻُڌايو جنهن جو مقصد پ??لي??ي بنائڻ جي عمل ۾ نجي شعبي جي شموليت ۽ ان کي تقويت ڏيڻ آهي. پ??لي??ي سازي جي عمل کي تقويت ڏيڻ لاءِ حڪومت طرفان کنيل قدمن کي عالمي بئنڪ جي ٽيم طرفان ساراهيو ويو. ٻنهي ڌُرين واپار تي هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن جو وقت بوقت اجلاس ٿيندو ته جيئن پاڪستان جي 60 ارب ڊالرن جي روانگي واپار واري صلاحي?? کي حاصل ڪرڻ جي هدفن کي اڳتي وڌائي سگهجي.