اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا پراڻا دوست ۽ حصيدار آهن، اس??ن هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي ٻڌل لاڳاپا رکون ٿا، والاري?? ڪشمير جي آزادي پسند اڳواڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن فرنٽ جي چيئرمين محمد يا??ين ملڪ جي نئين دهلي جي بدنام زمانه ته??ڙ جيل ۾ بک هڙتال ۽ خراب ٿيندڙ صحت تي ڳڻتي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان کي محمد يا??ين ملڪ جي خراب ٿيندڙ صحت تي سخت ڳڻتي آهي، کيس فوري طور تي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان يا??ين ملڪ جي فوري آزادي جو پڻ مطالبو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان غزه ۾ فوري فائربندي جو مطالبو ڪيو آهي، غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، غزه ۾ نس?? ڪشيءَ کي فوري بند ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومون پنهنجو ڪردار ادا ڪري، غزه ۾ اسرائيل پاران نس?? ڪشيءَ جي جنگي ڏوهن تحت جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي غزه جي صورتحال بابت رپورٽ جي آجيان ڪريون ٿا، اسرائيلي حملن سان فوري طبي امداد جي منتظر فلسطينين کي امداد حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. ممتاز زهره بلوچ هڪ سوال جي جواب ۾ صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني آهي، پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا ل??ڳاپا آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا پراڻا دوست ۽ حصيدار آهن، اس??ن هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي ٻڌل لاڳاپا رکون ٿا. يا?? رهي ته محمد يا??ين طبي سهولتن جي عدم فراهمي جي خلاف ته??ڙ جيل ۾ گذريل 7 ڏينهن کان بک هڙتال تي آهي.